انڊڪ منڊڪ

انڊڪ منڊڪ

انڊڪ منڊڪ

انڊڪ منڊڪ (راند ):هيءَ سنڌ جي مشهور راند آهي، جيڪا وندر خاطر ٻهراڙين ۾ اڪثر ٻار رچائين ٿا. هيءَ راند ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا کيڏندا آهن. هن راند ڪرڻ لاءِ زمين تي ليڪا ڪڍي خانا (چلها) ٺاهيا ويندا آهن. رانديگر هڪ ٺڪر جو ٽڪرو کڻي، ان کي گول گهڙي منجهائس ٽاپون ٺاهيندا آهن، پوءِ اهو ٽاپون هڪ رانديگر کڻندو ۽ سڀ کان پهرئين خاني ۾ اڇلائي وجهندو. ان بعد هڪ پير مٿي کڻي، منڊڪ منڊڪ ڪندو خانا ٽپي ٽاپونءَ وٽ پهچندو ۽ جُهڪي ٽاپون کڻندو. جيڪڏهن انهيءَ وچ ۾ ڪٿي به سندس پير کپي ويو ته کاتو، پر جيڪڏهن پير نه کتو ۽ ٽاپون کڻي منڊڪ منڊڪ ڪندو اچي ٻاهر پهتو ته ٻيهر اورئين خاني ۾ ٽاپون اڇلائي وجهندو ۽ ساڳيءَ طرح وڃي ٽاپون کڻي ايندو. جيڪڏهن سڀني خانن مان سلامتيءَ سان ٽاپون کڻي آيو ته ڪامياب ليکبو ۽ راند کٽندو، ٻيءَ صورت ۾ هارائيندو، اها راند، حصو وٺندڙ سڀيئي ٻار، واري سان ڪندا آهن. راند ڪندڙ رانديگر هي ٻول ٻوليندا آهن: آجهڪ، ٻجهڪ، ٽجهڪ، سنهي، شاهه، تايون، ڪچي، پڪي، ڪڻهه ڪوٽ مڙها ميدان، اهي ٻول منڊڪ منڊڪ ڪندڙ رانديگر ٻوليندا آهن. سندس کاپڻ جو راز به انهن ٻولن ۾ هوندو آهي، ڇو ته ٻول ٻوليندي کانئن پير مٿي جهلڻ جي ڳالهه وسرڻ جو انديشو هوندو آهي. انڊڪ منڊڪ راند ڇوڪريون به کيڏن ته ڇوڪرا به . هن راند کيڏڻ جا مختلف قسم آهن، هيءَ راند مختلف علائقن ۾ پنهنجي پنهنجي طريقي سان رائج آهي. ڪن علائقن ۾ ڇوڪريون هڪ ٽنگ تي هڪ دنگ کان ٻئي دنگ تائين ڊوڙ پڄائينديون آهن، جيڪا دنگ تي پهرين پهتي ان کٽيو. ڇوڪرا وري هڪ وڏو دائرو (گول) ڪڍي اُتي هڪ ٽنگ تي بيهندا آهن، هڪ ٻار گول کان ٻاهر هڪ ٽنگ تي بيٺو هوندو، گول اندر بيٺلن مان هڪ آواز ڏيندو ته ”اچڻ وارو اچي“ پوءِ ٻاهريون ڇوڪرو انڊڪ منڊڪ ڪندو اندرين مان ڪنهن هڪ کي هٿ سان ڇهندو. اهي اندر وارا ٻار به انڊڪ منڊڪ سان گوهيون ڪندي ان ٻار جي هٿ لائڻ کان پاڻ کي بچائيندا رهندا. ان ۾ جيڪڏهن آڳ ڏيندڙ انڊڪ منڊڪ جي حالت ۾ ڪنهن کي ڇهيو ته اهو ٻار کاتو ۽ پوءِ اهو ان جو ساٿي ٿي ٻين کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندا، ائين جيڪي کاپندا ويندا، اهي ساٿي ٿي ٻين کي گڏجي هٿ لائيندا. اهڙيءَ طرح جنهن ٻار گوهيون ڏئي پاڻ بچايو، ان کٽيو.
هن راند جو ٻيو نمونو هيءُ آهي ته اندر وارا ٻار هڪ ٽنگ بجاءِ ٻنهي ٽنگن تي بيٺل هوندا ۽ ٻاهر انڊڪ منڊڪ وارو ٻار انهن کي اندر دائري ۾ هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اندر وارا ٻار گوهيون ڪندا، پاڻ بچائيندا رهندا آهن. هن راند ۾ ٻن ٽولن جي حساب سان به راند رچائيندا آهن، يعني پڪڙڻ وارا انڊڪ منڊڪ ڪندا پڪڙيندا آهن ، جڏهن ته ٻنهي ٽنگن تي بيٺل ٽولي جا ٻار پاڻ بچائيندا رهندا آهن. جيڪڏهن انڊڪ منڊڪ وارن مخالف ڌر جي رانديگرن کي کاپايو ته اهي هنن کي آڳ ڏيندا، ان طريقي سان هيءَ راند سادي ۽ صحت لاءِ وڏي فائديمند آهي.


لفظ انڊڪ منڊڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو